اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد راولپنڊي ۾ تيز بر??ات سبب گولڙه موڙ پشاور روڊ تي ڀت ڪري پوڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومين جي لاءِ مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم بر??ات س??ب انتظاميا کي هاءِ الرٽ رهڻ ج?? هدايت ڪئي.