اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪارن جي ??غفرت ۽ گهرڀاتين جي ??اءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخ??ين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??دايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ??اپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خ??اج تحسين پيش ڪري ٿي.