اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن سان گڏوگڏ صحت جي بحالي ل??ءِ خدمتن جي ضرورتمند ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائ?? جي لاءِ معاشري ۽ خانداني نظام کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. گلوبل ري هيبلي ٽيشن ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڪميونٽي ويلفيئر سمورن مذهبن بشمول اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جو بنياد رهيو آهي، هن ان حوالي سان ان??يا??َ ڪرام، حضرت محمد ﷺ ۽ انهن جي صحابه ڪرام جا مثال پيش ڪيا. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنياوي معاملن ۾ اخلاقيات ۽ انسانيت جي کوٽ آهي اهڙي ۾ معذور ماڻهن ۽ بحالي جي ضرورتمند ماڻهن جي ڀلائي ل??ءِ معاشري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ تحقيقي مطالعي جو حوالو ڏيندي صدر شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي جنهن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو شاگرد شامل آهن. هن چيو ته نفسياتي ماهرن جي گهٽ انگ جي ڏس ۾ ان صورتحال تي ڌيان نه ٿو ڏئي سگهجي، اهڙي ۾ خانداني نظام، گروپ ٿراپي ۽ اسٽريس شيئرنگ جي صورت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته رياست تي دارومدار ڪرڻ کانسواءِ خانداني نظام کي اسلامي معاشرن وانگر پنهنجو ڪردار ڪر?? جي لاءِ سامهون اچڻو پوندو جتي ڪميونٽيز پاڻ قانونن تي عمل ڪن ٿيون. هن پاڪستاني معاشري پاران خصوصي ماڻهن سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته معاشري جي سمورن محروم طبقن بشمول عورتن ۽ اسڪول نه ويندڙ 27 ملين ٻارن تي انهن جي مشڪلاتن جي ازالي جي ل??ءِ ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته 27 ملين اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلا جيڪڏهن رياست تي ڇڏي ڏ??ي وڃي ته ڪيترائي ڏ??اڪا لڳي سگهن ٿا جڏهن ته پاڪستاني معاشرو مسجدن جي اڳ کان موجود انفراسٽرڪچر مان فائدو کڻي ان مسئلي کي تمام گهڻو اڳ حل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته جسماني معذوري وارن ٻارن کي عام اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان ٻين ٻارن کي انهن جي چئلينجز بابت شعور ملندو. ان کانسواءِ هن چيو ته رياست کان وڌيڪ معاشري کي اکين کان محروم ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائ?? جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر معذوري ۽ بحالي جي مسئلن کي منهن ڏي?? جي لاءِ پاڪستان کي تعاون فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي پاليٿا مهيپالا معذوري ۽ بحالي جي مسئلن جي حل جي ڪوششن جي ل??ءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قي??دت ۽ ڪردار تي روشني وڌي. اهڙي طرح هن ان حوالي سان خاتون اول بيگم ثمينه علوي جي تعاون ۽ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.