اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان ڪر??يٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪر??يٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پي?? وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪر??يٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي سياست سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪر??يٽ ٽيم کي ايش??ا ڪپ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪر??يٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي سياست ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪر??يٽ ٽيم کي گهربل شائستگ??، مڪمل ??فا??ت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪر??يٽ ٽيم جي سيڪيورٽي بابت اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪر??يٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي عملدارن کي آگاهه ڪيو پي?? وڃي.