اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جو?? سنگين خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجن??يو?? رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عورتن ج?? خلاف تشدد جو?? اهي ڪارروايون جاري آهن ج?? کي آرمڊ ف??رس?? اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض ف??رس?? کي انهن ج?? جنسي تشدد جي ڏوهن ج?? لاءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏوهارين ج?? احتساب جي کوٽ والاريل علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن ج?? لاءِ انصاف جي عدم موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جو?? اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو?? عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.