اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ گورننس جي ڍانچي، سياست، معيشت سميت اهم قومي معاملن تي ديانتداراڻي قومي ڊائيلاگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحتمند ۽ خوشحال معاشر?? جي جوڙجڪ جي لاءِ قومي ڊائيلاگ جي حوالي سان پارليامينٽ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وفاق صوبن سان گڏجي قدم کڻي رهيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪستان جي مستقبل بابت تمام گهڻو پراميد آهيان. هن اها ڳالهه ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽاڪ شاڪ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. نگران وزيراعظم ??نو??رالحق ڪاڪڙ گهرو ۽ پرڏيهي معاملن، فلسطين تڪرار، ڪشمير مسئلي سميت اهم معاملن تي روشني وڌي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هن وقت معاشي، سياسي ۽ ٻيا چئلينجز درپيش آهن، تنهن ڪري ان حوالي سان بحيثيت قوم اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن ان ڳالهه تي ور ڏنو ته گورننس جي اسٽرڪچر،سياسي رويي، مذهب ۽ سياست، معيشت ۽ سياست ۽ عدليه جي نظام سميت ٻين معاملن تي ديانتداراڻي ۽ کليل قومي ڊائيلاگ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ پارليامينٽ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته ايندڙ پارليامينٽ ان تي ڪم ڪندي ته جيئن هڪ صحتمند ۽ خوشحال معاشري طرف قدم وڌائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي بنياد پرستي ۽ انتهاپسنداڻي روي?? جي گنجائش نه آه?? جيڪو به ائين ڪندو رياست ان جي خلاف ڪارروائي ڪندي. مهانگائ?? جي حوالي سان هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته ان جا سبب ڪهڙا آهن، هتي ڪڻڪ سميت جنسون وڏي مقدار ۾ دستياب آهن، جيتوڻيڪ ذخيره اندوزي جو مسئلو اچي رهيو آهي، ان جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ته کنڊ جون قيمت گهٽ ٿيون، اهو ڪم ضلعي حڪومتن جو آهي، تنهن ڪري وفاق صوبن سان گڏجي قدم کڻي رهيو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات سميت سڄي دنيا ۾ معدنيات، آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. ان حوالي سان ڊسمبر ۾ اهم خبرون اچي سگهن ٿيون. غيرقانوني پناهگيرن جي انخلا جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي ڪڍڻ جي قطعي طور تي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، ان بابت تاثر بلڪل غلط آهي، ٻي ڪيٽيگري اهي غيرقانوني غيرملڪي آهن جن وٽ پاسپورٽ ۽ ويزا سميت ڪي به قانوني دستاويز نه آهن ۽ معاشري ۾ انهن جو ڪردار مشڪوڪ آهي ۽ اهي اسان جي نظام ۾ نه آهن ۽ هڪ رياست جي حيثيت سان اسان چاهيون ٿا ته انهن کي واپس وڃڻ گهرجي، انهن جو هتي رهڻ جو ڪو اخلاقي ۽ قانوني جواز نه آهي، دنيا جي ڪا به رياست انهن کي ڪڍڻ کي غيرقانوني يا غيراخلاقي نه ٿي سمجهي تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته اهڙن غيرقانوني غيرملڪين جي واپس?? جي عمل ۾ انهن جو عزت نفس مجروح نه ٿيڻ گهرجي. ٽئين ڪيٽيگري اهڙن ماڻهن جي آهي جن کي اسان جي معاشر?? جي خاندانن ۾ شامل ٿي جعلي دستاويز ٺهرايا، انهن ۾ به نظام جو غلط استعمال ٿيو آهي ۽ ان کي به ختم ڪرڻو آهي ۽ اهڙن ماڻهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي آهي انهن ۾ ڪنهن مخصوص آبادي کي هدف نه بڻايو ويندو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستاني ڄاون پشتونن جي بنيادي شهري حقن تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين. ڊي اين اي ٽيسٽ سان ڪنهن به خاندان جي فيملي ٽري ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو جي سڃاڻپ ٿي سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو پاڪستان جي مستقبل مان مايوس نه آهي پر پراميد آهي. سعودي عرب ۾ 15 کان 20 لک هنرمند پاڪستانين جي کپت جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان مان افرادي قوت انهن جي ترجيح آهي ان جي لاءِ هنرمند افرادي قوت جي تياري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. سڄي ملڪ ۾ قائم ووڪيشنل ٽريننگ ادارن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، ان بابت هن هفتي اهم اجلاس ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي آزادي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، جيڪڏهن عدالت کيس آزاد ڪري ٿي ته هو سياسي عمل جو حصو هوندو، عدالتون جيڪو به فيصلو ڪنديون نگران حڪومت انهن تي عملدرآمد جي پابند هوندي. نگران وزيراعظم گم ٿيل ماڻهن بابت مد?? جي تعين سميت ٻين اهڙن ماڻهن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڪميشن جوڙڻ اهم قدم آهي، ڪنهن ماڻهو کي حراست هيٺ رکڻ جي حوالي سان مد?? جي تعين سميت ٻين اهڙن معاملن تي سنجيده قانونسازي ناهي ٿي، اهو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻو هو. پاڪستان هڪ عرصي کان دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، اسان کي مختلف پرتشدد چئلينجز درپيش آهن، جيتوڻيڪ ان حوالي سان ليگل فريم ورڪ نه آندو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته پروپئگنڊه جي صورت ۾ رياست جي بدنامي جو سبب بڻجن سٺو عمل نه آهي. هن چيو ته سويلين بالادستي جا نعرا بلند ڪندڙن کي ان حوالي سان قانونسازي ڪرڻ گهرجي. قومي ڌارا جي ڪنهن پارٽي ان کي پنهنجي منشور جو حصو ناهي بڻايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ قانونسازي جو معيار سراسري ڪمزور آهي، قانونسازي تي فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ڪميٽي ۾ کڻي وڃڻ گهرجي ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم جي حيثيت سان ان کي هر جڳهه تي فيصلاساز?? جي آزادي آهي ۽ هو فيصلا ڪري رهيا آهن. آرمي چيف سويلين بالادستي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان سويلين بالادست?? جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان جي ڪارڪردگي، وقار ۽ ??يز?? ان جو فيصلو ڪندو، ان عمل کانسواءِ بالادست?? جي دعويٰ مشڪل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جڏهن چونڊون ڪرائيندي اسان ان جي مدد ڪنداسين، اسان سيڪيورٽي ۽ فنڊن سميت سمورا ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته نادرا چيئرمين جون خدمتون اسان فوج کان ورتيون آهن. نادرا جو ادارو به هڪ فوجي حڪمران جي دور ۾ ٺهيو، حاضر سروس فوجي آفيسر قابل ترين ماڻهن مان آهي، سندس مقرر?? جي چونڊ تي ڪو به اثر نه پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردن جو هدف انارڪي ڦهلائڻ هوندو آهي، سموري سياسي قيادت جي لاءِ سيڪيورٽي جا سنجيده چئلينجز آهن، اسان انهن جي سلامتي کي يقيني بڻائينداسين. فلسطين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميرين ۽ فلسطينين جي جدوجهد جي آزاد?? جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان سڀني عالمي پليٽ فارمز تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، دنيا کي ادراڪ آهي ته وچ اوڀر جي مسئلن جو حل آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي، ان مسئلي تي سڀني مسلمان ملڪن کي گڏجي هڪ موقف اختيار ڪرڻو پوندو. ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا نه حل ڪيا ويا ته انتهاپسندي ايندڙ صدين ۾ به ختم نه ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين فلسطينين جي موقف جي حمايت ڪندو رهندو. 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڪشمير سان گڏ فلسطين به هڪ اهم معاملو هو، پاڪستان سدائين فلسطيني عوام جو دوست رهيو آهي، پاڪستان فلسطينين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو مختلف سفارتي، سياسي ۽ سماجي پليٽ فارمز تي سدائين ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي پليٽ فارمز سميت عالمي فورمز تي پاڪستان فلسطينين جي ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکندو. نگران وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻه رياستي فارمولو فلسطين جي مسئلي جو موزون حل آهي ۽ پاڻ فلسطيني به انهي حل جا قائل ??هن ۽ ان سان وچ اوڀر ۾ استحڪام ايندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته فلسطيني هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام سان اتفاق ڪيو هو پر اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو ان تي اسرائيل پاران عمل نه پيو ڪيو وڃي، فلسطينين جي معاهدي موجب آزاد فلسطيني رياست نه پئي ڏني وڃي. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان سان ڪشميري به بنيادي ڌر آهن، جيڪي 70 سالن کان ڀارتي ڏاڍ برداشت ڪري رهيا آهن. ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي عمل جو جيڪڏهن ڪشميري حصو نه بڻجندا ته ڪا به ڳالهه پائيدار نٿي ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو به ٻين پاڪستانين وانگر ڪرڪيٽ جو شوق??ن آهي ۽ هو چاهي ٿو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽي اچي. جيتوڻيڪ اهڙي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي ته هو مئچ ڏسڻ ڀارت ويندو. راندين کي راند طور ڏسڻ گهرجي. ڀارت پاڪستاني تماشائين کي ويزا ڏي، جيڪڏهن اهو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿئي ها ته انهن کي اسان ويزا جاري ڪريون ها، بدقسمتي سان ڀارت راندين جا لاڳاپا معمول تي نه ٿو آڻي سگهي ته واپاري لاڳاپا ڪيئن ممڪن آهن. هن چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دور?? جي حوالي سان سفارتي ذريعن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪجهه منصوبن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، معاهد?? جي ويجهو آهيون. انٽرويو دوران نگران وزيراعظم پنهنجي ذاتي زندگ?? جي حوالي سان سوالن جا جواب به ڏنا.