اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن ۾ دير جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چونڊ?? جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي وسيلا فراهم ڪرڻ اسا?? جي ذميواري آهي، نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي، هر هڪ کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نٿو ڪري س??هجي، نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، رياستي ميڊيا تي سمورين س??اس?? پارٽين کي هڪ جهڙي ??وريج ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينلز ”آج نيوز“ ۽ ”سنو نيوز“ جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت پٽيش?? جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي جڏهن ته حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو. هن چيو ته صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون م??عقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميش?? جي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت قائم ٿي آهي، اسان جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هن چيو ته ڪنه?? جي بيگناهي ۽ سزا جو فيصلو عدليه کي ڪرڻو آهي جڏهن ته آئين م??جب هر شخص کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪنهن کي ان حق کان محروم نٿو ڪري س??هجي. هن چيو ته نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي. اسا?? جي ذميواري آهي ته اسان امن امان کي قائم رکون، ڪنهن به قسم جي بدانتظامي يا سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون م??عقد ڪرڻ ۾ دير جو تاثر صحيح نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي جڏهن ته حتمي تاريخ طئي ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڏنل شيڊيول عمل ڪري رهي آهي، س??اس?? پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته هر س??اس?? پارٽي جو پنهنجو هڪ موقف هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري س??هجي. هڪ سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ڪو اڳواڻ ڪابينا ۾ موجود نه آهي. هن چيو ته چونڊ?? جي حتمي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي جڏهن ته ان کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جا وسيلا فراهم ڪرڻ اسا?? جي ذميواري آهي. نجڪاري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، گذريل حڪومت ۽ پارليامينٽ پاران م??ظور ٿيل فهرست موجب نجڪاري تي عملدرآمد ڪرڻ اسا?? جي ذميواري آهي. هن چيو ته نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير ان حوالي سان شاندار انتظامي تجربو رکي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياستي ميڊيا سمورين س??اس?? پارٽين کي هڪ جهڙي ??وريج ڏئي رهي آهي، پي ٽي وي تي سمورين پارٽين کي هڪ جهڙي ??وريج ملي رهي آهي.