اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ??يو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ر??عمل ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذمت ڪري. صدر فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ??يو. هن ??يو ته پاڪستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صدر ??يو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن ??يو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا و??يڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان و??يڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صدر ??يو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ر??عمل ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذمت ڪريون ٿا. هن ??يو ته اسان مذمت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان و??يڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه و??يڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ امن جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن و??يڪ ??يو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن و??يڪ ??يو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ردعمل ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صدر فلسطيني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ??يو.