اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو ج?? مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معام??ي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ??يندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معام??ي تي ملاقات جي ل??ءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي و??د گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معام??ي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي ل??ڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.