اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي ت?? مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪ??يو?? ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن ک?? مبارڪباد پيش ڪري??ن ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور ت?? مبارڪباد پيش ڪري??ن ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي س??راهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪ??يو?? ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون.