اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم ??و هي ڪراچي جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مزار قائد تي حاضري ڀريندو. وزيراعظم ڪراچي ۾ ڪاروباري ب??ادري جي ناليوارين شخصيتن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات پڻ ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪاروباري ب??ادري کان ملڪي مع??شت جي بهتري جي حوالي سان تجويزون وٺندو. دوري ۾ وزيراعظم ??ان سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاق??تو?? پڻ شامل آهن، جن ۾ وزيراعظم ??نڌ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.