بنجول – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ??ار چيو آهي ته آزاد ڪشمير بابت ڀارتي اڳواڻن جا اشتعال انگيز بيان ۽ بنا جواز دعويٰ علائقائي امن جي لاءِ ????گي?? خطرو آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ۽ ڪشميري عوام کي منظم طريقي سان انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گيمبيا جي شهر بنجول ۾ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ ??ي رابطا گروپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماحول ۽ علائقي ۾ انساني حقن جي س??گي?? صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. او آءِ ??ي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل سياسي معاملن ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف الدوبي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجير ۽ آذربائيجان جا نمائندا شريڪ ٿيا. ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جو وفد ۽ او آءِ ??ي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بيان موجب نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ??ار اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي هن رابطا گروپ کي ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ڀارت منظم طريقي سان ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدار اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف هراس جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. نائب وزي??اع??م محمد اسحاق ??ار عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها آزاد ڪشمير بابت ڀارتي اڳواڻن جي اشتعال انگيز بيانن ۽ بنا جواز دعوائن جو نوٽيس وٺي جيڪي علائقائي امن جي لاءِ ????گي?? خطرو آهن. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڀارت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرقي قدمن ۽ ان کانپوءِ ??ي قدمن جن جو مقصد آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ آهي، کي رد ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. بيان موجب مختلف ميمبر ملڪن جي وفدن او آءِ ??ي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل موجب ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ائز جدوجهد جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو.