اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن پاڪستان ۾ ايراني سفير ??ان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون کي پنهنجي ڀاءُ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ج?? ا??سوسناڪ خب?? ??ان وڏو صدمو ۽ ڏک ٿيو آهي، ا??ان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ??ان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته ا??ان جون سموريون همدرديون ۽ دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام ??ان گڏ آهن. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ شاندار عالم ۽ بصيرت رکندڙ اڳواڻ هو، پاڪستان اڄ ڊاڪٽر رئيسي جهڙي مخلص ۽ اعليٰ خصوصيتن جي مالڪ ڀائرن جهڙو دوست وڃائي ڇڏيو، ان جي پنهنجي قوم ??ان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري ا??ان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مس??حڪم ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني قوم جو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ايران ??ان گڏ بيهڻ تي ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيند?? ا??راني سفير چيو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر رئيسي به وزيراعظم شهباز شريف کي بهترين ان??ان ۽ ايران جو دوست سمجهندو هو، مرحوم صدر رئيسي جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي جذبن ۽ ان جي لفظن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسون ٿا، مرحوم صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي اعزاز ۾ سفارتخاني جي وزيٽر بڪ ۾ تعزيتي تاثرات پڻ لکيا.