تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ير??ن جي مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ??ير??ن جي مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 مئي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي اف??وسناڪ حاد??ي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن جي لاءِ منعقد يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم ??ير??ني صدر جي ??ير??ني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ??ير??ن لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب تقريب دوران وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم ??ير??ني صدر جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صدر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم ??ير??ني صدر جي ??ير??ني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – ??ير??ن لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ير??ن جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر سان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ??ير??ن جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ??ير??ني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي اف??وسناڪ حاد??ي ۾ شهادت جي خبرسان شديد صدمو پهتو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ??ير??ن جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ??ير??ني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ??ير??ن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم ??ير??ني صدر پاڪستان جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذاريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. وزيراعظم ??ير??ن جي نگران صدر ڊاڪٽر محمد مخبر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.