راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ??طلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد ا??نهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران انفارميشن ٽيڪنالاج?? جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي اعليٰ حڪومتي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ملاقاتون حڪومت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿيون.