اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار ا??از صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تا??ڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ ??ي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن، قومي اسي??بل?? ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي آزادي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لا??ِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.