اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ادارن ۾ سڌارن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، سندس اڳو??ڻي ۾ معيشت ٻيهر بحال ٿيندي. اسان پاڪستان کي دنيا ۾ معاشي طور تي باوقار ملڪ بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خوراڪ وارو صوبائي وزير بلال ياسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اڳ ۾ به ن??ڻي وارو وزير رهيو آهيان، مون کي ڪيتريون ئي ذميواريو?? مليون آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته پاڪستان کي معاشي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. چيو پئي ويو ته ملڪ کي هن ڏکئي وقت مان ڪڍڻ ۾ 10 کان 15 سا?? لڳندا، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳو??ڻي ۾ پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ صرف ساڍا ٽي سا?? لڳا. هن چيو ته 2013ع ۾18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، هڪ ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا پيش ايندا هئا. معيشت تباه هئي؛ الله تعاليٰ ڪرم ڪيو ساڍن ٽن سا??ن ۾ سمورا مسئلا حل ٿيا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي. جهڙي ريت پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي؛ جلد ئي جي- 20 ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته محمد نواز شريف جي اڳو??ڻي ۾ 2017ع ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، ??ڏهن ته ان کانپوءِ ايندڙ چئن سا??ن ۾ پاڪستان معاشي لحاظ کان 47 هين نمبر تي اچي ويو، ??هو ڪو ننڍو نقصان نه آهي، اڄ جيڪي مسئلا ملڪ ۾ آهن، انهن جو سبب اهو ئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ اسان جي ڪوشش آهي، ته معيشت بحال ٿئي ۽ اسان ٻيهر پاڪستانين لاءِ آسانيون پيدا ڪيون. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران کنيل قدم تعريف جوڳا آهن، جن ۾ هن 40 ارب روپيا رکي ڪري پنجاب جي عوام کي بجلي يونٽس ۾ 14 روپين جو رليف ڏنو آهي، ان کان اڳ شهباز شريف ڪابينا جي منظوري سا?? 200 يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ 50 ارب روپين جي سبسڊي ڏني هئي. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي، ته ه?? ملڪ کي مسلمانن جي اڳو??ڻي ڪرڻي آهي، ملڪ کي اسان ايٽمي طاقت بڻايو ۽ ه??ڻي ملڪ کي معاشي قوت بڻائينداسين.