اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وز??را??ظم شهيد ٿي??دڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وز??را??ظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿي??دڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽ?? زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق ??ڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.