اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر سو??ل ميڊيا تي 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عام موڪل جي اعلان جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ?? اطلاعات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عام موڪل بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته جعلي خبرون ڦهلائڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اهو ملڪ جي لاءِ به نقصانڪار آهي. اهڙي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي.