اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو ته ملڪي معيشت استحڪام سان ??ؤسر طرف گامزن آهي، اهم اقتصادي اهڃاڻ مثبت رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته ملڪي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان ??يل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي ??رح 8 کان 9 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان ??هي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان ??اري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ٻُڌائي وئي آهي. ناڻي وزارت مطا??ق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ آهستي آهستي واڌ ٿي رهي آهي، اهم ايڪسپورٽ شعبي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تيار آهيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ مستحڪم ايڪسچينج ريٽ، ناڻي اؤسر جي ??ٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي آهي، مانيٽرنگ پاليسي ۾ نرمي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت جي ??ستحڪام سان ??ٽادار صنعتي ترقيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر ٿيندو. ناڻي وزارت چيو ته خريف 2024ع جي فصلن جو ڀاڙڻ موسمياتي عملن تي آهي. سيپٽمبر ۾ ملڪي روانگي واپار 2.5 ارب ڊالر کان وٺي 3 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 4.5 ارب ڊالرن کان وٺي 5 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان ??هي، اهڙيءَ طرح پرڏيهه مان ??ُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.7 ارب ڊالر کان وٺي 3.2 ارب ڊالرن وچ ۾ رهندو. ناڻي وزارت طرفان ??اري اقتصادي اپ ڊيٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ پرڏيهه مان ??ُماڻيل ناڻي ۾ 44 سيڪڙو جي واڌ ٿي، مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پرڏيهه مان ??ُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.93 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي ۾ 4.124 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 4.862 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي ۾ 4.536 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 9.53 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي ۾ 8.37 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي ??سارو 171 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذڙيل مالي سال جي ??اڳئي مُدي جي 893 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 80.9 سيڪڙو گهٽ آهي. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 350.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي ۾ 225.2 ملين ڊالرن يج ڀيٽ ۾ 55.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 75 ملين ڊالر فاضل رڪارڊ ڪيو ??يو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 453.2 ملين ڊالر رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي جي 252 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 79.9 کان وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق 20 سيپٽمبر 2023ع تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ??خيرن جو ڳاڻيٽو 13.079 رڪارڊ ڪيو ??يو ??و جيڪو 20 سيپٽمبر 24ع تي 14.873 ارب ڊالر هو. گذريل سال 30 سيپٽمبر تي ايڪسچيج ريٽ 293.89 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي 277.84 رپيا رهيو. جولاءِ ۾ ايف بي آر جي ??وڳاڙين جو ڳاڻيٽو 1.456 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي ??اڳئي مُدي جي 1.207 کرب رپين جي ڀيٽ ۾ 20.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو جولاءِ ۾ 387.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 225.3 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 107.1 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 311.2 ارب رپيا هو. پرائمري خساري ۾ 65.6 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 12 سيپٽمبر تي پاليسي ريٽ 17.5 سيڪڙو جي ??طح تي رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل سال 22 سيڪڙو جي ??طح تي هو. آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 9.6 سيڪڙو جي ??طح تي رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل سال آگسٽ ۾ 27.4 سيڪڙو هئي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جا اهڃان 10.4 سيڪڙو جي ??طح تي رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي مالي سال جي ??اڳئي مُدي ۾ 27.8 سيڪڙو جي ??طح تي هئا. جولاءِ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي ??ؤسر جي ??رح سان ٿي. گذريل سال جولاءِ ۾ اها شرح ڪاٽو 5.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 26 سيپٽمبر تي پاڪستان ??سٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 81658 پوائنٽس جي ??لند سطح تي رڪارڊ ڪيو ??يو، جيڪو گذريل سال 45889 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ??يو. 26 سيپٽمبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 38.56 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل سال 23.23 ارب ڊالر هو. نين ڪمپنين جي ??جسٽريشن ۾ 66 سيڪڙو جي ??ؤسر ڏسڻ ۾ آئي آهي.