لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي جميعت علماءِ اسلام (ف) جو بنا مقابلي ۽ گڏيل طور تي صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ??ني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحما?? جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) هميشه عوام جي بهترين نمائندگي ڪندي آئي آهي، مولانا فضل الرحما?? جي، جي يو آءِ (ف) جي صدر جي حيثيت سان چونڊ سان جمهوري قدرن کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي ق??ام ۾ مولانا فضل الرحمان جو انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحما?? جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحما?? جي قيادت ۽ ويزن هيٺ جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ بلندين طرف وٺي ويندي. وزيراعظم، مولانا عبدالغفور حيدري کي به جي يو آءِ (ف) جو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ ??ني.