اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جو وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱاري ڏينهن اسلام آباد پھچي ويو. نورخان ايئر بيس تي پيٽروليم ??اري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ اس??قبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس ??اتل ٻارن معزز مھمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ خيرسگالي وارن جذبن جو اظھار ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم سان اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آھي جنھن ۾ معيشت ۽ واپار وارا وزير، نا??ب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اعليٰ اختياريون پڻ موجود ھيون.