اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي س??دس ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ڊي جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان س??دس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وز??را??ظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، ا??لاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.