اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير محمد ??سحاق ڊار جو سموآ جي ڳوٺ فاگالي جي ماڻهن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو جيڪو دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. پر??يه?? آفيس موجب سموآ جي عورتن، ڪميونٽيز ۽ سماجي ترقي بابت وزير مليپولا اناروسا الي موليو ۽ فاگالي ڳوٺ جي بزرگن ۽ نوجوانن فاگالي ڳوٺ ۾ نائب وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ڳوٺ جي گ??ٽين کي پاڪستان جي قومي رنگن سائي ۽ اڇي سان سجايو ويو آهي. مقامي ڪميونٽي ??وا??تي ساموئي ثقافت ۽ رقص جي نمائش ڪئي جيڪا پاڪستان ۽ سموآ سميت دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رشتي جي علامت آهي. نائب وزيراعظم فاگالي ڳوٺ جي ماڻهن جي ميزباني ۽ پيار کي ساراهيندي مقامي اسڪول جي لاءِ رنگ روغن جي پئڪيج جو اعلان ڪيو.