اسلام آ??اد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آ??اد کان رياض روانو ٿي ويو. وزيراعظم رياض ۾ 29 کان 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ”لامحدود آفتون: ايندڙ سڀاڻي جي تعمير ??ي لاءِ اڄ جي س??ڙپ??اري“ جي موضوع تي ٿيندڙ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ شريڪ ٿيندا. شريڪ ملڪ پ??هن??ي معيشت جي خصوصيتن تي روشني وجهندي س??ڙپ??اري جي فروغ ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻجندا. فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، صحت ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان دنيا کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿيندي. پ??هن??ي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ۾ وزيراعظم جي سعودي اعليٰ قيادت سان ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان به ملاقات متوقع آهي. ان ملاقات ۾ پاڪست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجوده ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، معدنيات، زراعت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم جي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون متوقع آهن. دفاع وارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير ??بدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خ??ن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.