اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سرينگر ھاءِ وي تي ??ين??رز ۽ پوليس جي اھلڪارن سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته شھيد جوانن پنھنجا فرض نڀائيندي ملڪ لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو ڏنو. پنھنجي پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق واقعي ۾ ??ين??رز ۽ پوليس اھلڪارن جي جاني نقصان تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ سندن وارثن سان دلي تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته شھيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آھيان. ھن چيو ته ??ين??رز ۽ پوليس جي شھيد اھلڪارن جي پيشيوارڻين خدمتن ??ي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. ھن چيو ته ??ين??رز ۽ پوليس جي شهيد اھلڪارن جي قرباني کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پوليس ?? ??ين??رز جي زخمي ٿيل اھلڪارن کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڏني آھي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ين??رز ۽ پوليس جي شھيد ٿيل اھلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.