اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ما??ياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لا??ِ نهايت اهميت جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز بورڊ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي آءِ اي ايس بي ج?? چيئرمين ڊاڪٽر ايڊرياس ڪري رهيو هو. وفد ۾ آءِ اي ايس بي جي ميمبر جيانچائولو، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي صدر فاروق رحمان ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ ج?? چيئرمين راڻا عثمان خان شامل هئا. سڌارن ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪميشن (پي آر ايم سي) ج?? چيئرمين اشفاق ٽوله ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر ب?? ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير وفد کي ڊاڪيومينٽيشن ۽ ما??ي شفافيت ذريعي ٽيڪس آمدني ۾ واڌ لا??ِ حڪومت جي جامع پاليسي فريم ورڪ بابت ٻُڌايو. هن ما??ياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته اهو ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لا??ِ نهايت اهم آهي. هن جٽادار اقتصادي ترقي لا??ِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي غرض سان پاليسين جي تسلسل کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ڊاڪٽر اينڊرياس عالمي اڪائونٽنگ جي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۾ پاڪستان جي قيادت کي ساراهيو ۽ عالمي اصولن جي شروعاتي پيروي ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي تعريف ڪئي. هن انهن ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ آءِ ڪيپ جي معاونت کي ساراهيندي ما??ي شفافيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ لا??ِ پيشوراڻي تنظيمن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت، معيار ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي نظام تي اعتماد قائم ڪرڻ لا??ِ اڻٽر آهي. شرڪت ڪندڙ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل فنانشل رپورٽنگ اسٽينڊرڊز جي لاڳو هئڻ بابت چئلينجزن ۽ موقعن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي. فاروق رحمان ۽ راڻا عثمان خان ان باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته آءِ ڪيپ ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊز گروپ ڪهڙيءَ طرح ما??ياتي رپورٽنگ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڌُرين پاڪستان جي ما??ياتي ڊاڪيومينٽيشن ۽ رپورٽنگ جي نظام کي عالمي معيارن موجب وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.