راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ??اڪ- افغان سرحد تي حسن خيل جي علائقي ۾ خوارجين جي در اندازي کي ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز 25 ۽ 26 نومبر جي وچ وا??ي رات اُتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ ??اڪ- افغان سرحد ويجهو خوارج جي هڪ گروپ جي چُرپُر محسوس ڪئي، جيڪو پاڪستان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيو هو. سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ان دوران 3 خوارجين کي ماريو ويو.