اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان فل??طي??ي عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو، عالمي برادري فلس??ين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. فل??طي??ي عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون فل??طي??ي عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فلس??ين مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ فل??طي??ي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا??ي عوام ۽ حڪومت جي حمايت جو ورجاءُ ??ريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال فلس??ين جي تاريخ جو انتهائي ڪارو ترين سال رهيو آهي، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم فل??طي??ي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته فل??طي??ي عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آهي، فلس??ين ۾ اسرائيلي جارحيت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران انساني امداد جون ڪوششون به بري طرح متاثر ٿيون آهن جنهن سان گهيري ۾ ورتل آبادي جي مصيبتن ۾ شدت آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها فلس??ين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته شهرين، اسپتالن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، فل??طي??ين جي لاءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آهي، انهن سنگين جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي بي رحم خلاف ورزين جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي حوالي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهلائي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ فل??طي??ي عوام جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فل??طي??ي ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي فل??طي??ي پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي انروا جي اهم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ فل??طي??ي عوام جي جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين جنهن جو اظهار انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي تازي مشاورتي راءِ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلس??ين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فل??طي??ي رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان ج?? گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستا??ي عوام پاران فل??طي??ي عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ??ريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ توهان جي جدوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهنداسين.