ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي قو??ي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ ه?? چيو ته بلائنڊ ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي قو?? لاءِ بي پناهه فخر ۽ مسرت جو سبب آهي، رانديگرن جي محنت، لڳن ۽ نا??ابل شڪست جذبي ثابت ڪيو ته ڪا به رڪاوٽ نا??ابل عبور نا??ي، اها ڪاميابي پاڪستان ?? خصوصي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ عزم جو چٽو ثبوت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان فتح مان ظاهر آهي ته پاڪستاني قو?? هر شعبي ۾ عظمت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اميد آهي ته اسان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل ۾ به ملڪ لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي خصوصي ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم عمل رهندي.