اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهم??ن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي ??طمين??ن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ ح??اي?? تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيت??ن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور ح??اي?? کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اس??ن جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.