اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي،ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بني??دي ۽ اعليٰ سطحي تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.اهڙو اظهار هن فڪر اقبال جي ترقياتي ويزن جي موضوع تي رٿ??ل مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان 1999ع تائين معاشي لح??ظ کان مستحڪم ملڪ هو، سياسي عدم استحڪام ۽ ترقي ۽ پاليسي جو تسلسل نه هجڻ سبب اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. اقبال جو تصور قو??يت قيام پاڪستان جو سبب بڻيو.هن چ??و ته اقبال جو فلسفو خودي اسان کي هڪ خودار، خودمختيار ۽ معاشي لح??ظ کان مستحڪم ملڪ جي صورت ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. اقبال ڪو صوفي ۽ مذهبي شاعر ۽ فلسفي نه هو، سندس انقلابي شاعري روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي قيام جي حامي آهي. هن چ??و ته اقبال جو فڪر ماٺار بدران تحرڪ جو رستو اختيار ڪرڻ طرف رهنمائي ڪري ٿو. هن چ??و ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ترقي جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بني??دي ۽ اعليٰ سطح تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.