اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پ??وفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏار پ??ڪستان ??رو??رام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج ساله قومي اقتصادي منصوبي (29-2024ع) ” اُڏار پ??ڪستان“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال اُڏار پ??ڪستان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته هي قدم جيڪو ??يا??ي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به ??يا??ي لانگ مارچ کان پ??سو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت جي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر ??يا??ي عدم استحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي منصوبي جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.