اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پ??ڪس??ان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ پ??ڪس??اني روانگي واپار جي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پ??ڪس??ان جي سفير ??ضو??ن سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پ??ڪس??ا?? ۽ ??مريڪا جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پ??ڪس??ا?? ۽ ??مريڪا وچ ۾ ڀائيواريءَ جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آمريڪا پ??ڪس??ان جو وڏو واپاري ڀائيوار ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عزم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پ??ڪس??انين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پ??ڪس??اني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن پ??ڪس??ان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪاري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.