اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ ۽ ٿڌ ۾ شديد اضافي جو امڪان آهي. ان صورتحال سبب گرمي پد جنوري ۾ رڪا??ڊ گه?? ترين سطح تي پهچي ويو. موسميات کاتي جي چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز خبردار ڪيو آهي ته مل?? ۾ ??ڌي هوائن جي نئين لهر ۽ گرمي پد سنگل ڊيجٽ جي گه?? ترين سطح تائين ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ سيءُ جو اهو ڊگهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته هلندڙ سياري جي موسم ۾ مل?? ۾ ??هريان ئي رڪارڊ ٽوڙ سيءُ پئجي چڪو آهي ۽ هلندڙ سال جنوري ۽ ڊسمبر ۾ گرمي پد 2023ع جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي گهٽ رهيو آهي. گرمي پد ۾ ان غير معمولي گهٽتائي شديد ٿڌي موسم جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي پد و??يڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته 9 کان 10 ڏينهن ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ٿڌين هوائن جي هڪ نئين لهر اچڻ جو امڪان آهي. ٻئي ط??ف گلگت بلتستان ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين برسات جو امڪان آهي جڏهن ته جلد ئي اهو علائقو خشڪ ۽ ٿڌي موسم طرف موٽي ويندو. هن شهرين کي خبردار ڪيو ته هو سخت موسم کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي شديد برفباري يا انتهائي گهٽ گرمي پد جو امڪان آهي. هلندڙ سياري جي موسم دوران پاڪستان ۾ روزانو کان گهٽ برفباري ۽ برسات جا امڪان آهن جيڪي گذريل سالن ۾ ٿيل برساتن جي پيٽرن مان نمايان فرق آهي.