ليه – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري ??ڪو آهي، قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، جيڪڏهن اسان گذريل حڪومتن جي لاءِ قرضن جون قسطون وقت تي نه واپس نه ڪريون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، تعليم، صحت، انصاف ۽ ٿاڻن جو نظام ب??تر بڻائي رهيا آهيون، 80 هزار ماڻهن کي هر مهيني ب??ا وياج قرض ۽ 50 هزار غريب نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ مزدور ۽ غريب طبقي کي ڇت ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ پناهگاهون تعمير ڪيون پيون وڃن، غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙو نصاب آڻي رهيا آهيون، استادن لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام آندو پيو وڃي. اهڙ?? خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ليه ۾ ”احساس اثاثا جات منتقلي پروگرام“جاري ??رڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.