اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? جي پاليسي?? جي پٺيان سوچ جو محور غريب ۽ پٺتي پيل طبقي جي ڀلائي آهي، ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفاد ۽ اشرافيه جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ۽ غريب طبقن کي سدائين نظرانداز ڪيو، حڪومت جي سبسڊي مان ته سڀ ماڻهو فائدو کڻن ٿا ۽ اشرافيه به فائدو کڻي ٿي پر هاڻي هڪ اهڙي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون ته سبسڊي مان رڳو غريب فائدو کڻي سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ??ڏن چئلينجز تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي هاڻي ان جو محور ماضي جي نظرانداز طبق?? جي ڀلائي آهي، وزيراعظم باقاعدگي سان مهانگائي جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي عملدارن کان بريفنگ وٺي ٿو، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت پاران ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ جي ڪري قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي شين خاص طور تي غريب عوام جي استعمال جي شين اٽو، چانور، کنڊ ۽ دالين سميت 17 قسم جي شي?? جي قيمتن کي هڪ جهڙو رکڻ جي لاءِ ميڪانزم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، شگر ڪميش?? جي رپورٽ کانپوءِ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪيو ويو، حڪومت مافيا جي ڳٺ جوڙ جي دٻاءُ ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ايندي، ڪمند جي پيڙهائي وقت سر شروع ڪرائڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت?? جي تعاون سان نئون قانون آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ڪريشنگ ۾ دير ڪندڙ شگر مل کي 50 لک رپيا ڏهاڙي ڏنڊ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شي?? جي قيمت?? جي جائزه اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چ??و ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود ??ڏن چئلينجز تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، هاڻي حڪومت جو ڌيان غريب عوام جي ڀلائي تي ??ون??و. هن چ??و ته وزيراعظم جي صدارت ۾ مهانگائي ۽ روزاني جي شي?? جي قيمت?? جي جائزه اجلاس کي 17 قسم جي روزاني جي استعمال جي مختلف ضرورت جي شي?? جي قيمتن جو صوبائي جائزو پيش ڪيو ويو. ا