اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ??اڪ?? قومي راند آهي ۽ موجوده حڪومت ??اڪ?? جي راند کي ماضي وانگر عروج ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪندي، انشاءُ الله مستقبل ۾ ??اڪ?? جي راند ۾ بهتري نظر ايندي. هو پاڪستان ??اڪ?? فيڊريشن جي هيڊڪوارٽر نيشنل ??اڪ?? اسٽيڊيم ۾ پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري آصف باجوه ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته ??اڪ?? راند پاڪستان جي فخر آهي، ماضي ۾ پاڪستان ان راند ۾ شاندار ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ??اڪ?? کي وڃاي?? مقام پائڻ لاءِ ??اڪ?? فيڊريشن جي آفيشلز ۽ ڪوچز ج??بي سان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن.