اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ وڏي پئماني تي بدعنوانين ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيا آهن، مخا??ف ڌر سدائين اقتدار براءِ ڪاروبار ڪيو آهي عوام جي خدمت ناهي ڪئي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت ملڪ مان مافيا ۽ بدعنواني جي لعنت جي خاتمي لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي، جيڪڏهن ملڪ کي برباد ڪندڙن سان هٿ ملائي وٺون ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي موت هوندي، مخا??ف ڌر پارٽين سان چونڊ، م??اشي ۽ اداره جاتي سڌارن سميت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر حڪومت بدعنوان عنصرن سان احتساب جي معاملي تي ڪو ب?? ٺاهه نه ڪندي، وزيراعظم عمران خان چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ شو آف هينڊ جي ڳالهه ڪئي آهي، مخا??ف ڌر پارٽيون جيڪڏهن چاهين ٿيون ته چونڊون تڪراري نه ٿين ته کين حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، حڪومت کي مخا??ف ڌر جي جلسن سان ڪو ب?? فرق نٿو پوي، پر جلسن سان ڪورونا وڌڻ ۽ ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، مولانا فضل الرحمان جو سياسي مفاد لاءِ شبر زيدي جي بيان کي غلط رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، کيس معذرت ڪرڻ گهرجي، عوام کي اپيل آه?? ته هو ڪوورنا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ذميدارن قوم هجڻ جو ثبوت ڏي، نجي ٽي وي چيئنل جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا جي ٻي لهر وڌيڪ تيزي سان اٿي آهي ۽ ڪيترائي ملڪ بيهر ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي، اين سي او سي جي انگن اکرن کانپوءِ حڪومت پنهنجي جلسي ختم ڪيا ته جيئن عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي فيصل آباد جي دوري دوران ان جو عملي مظاهرو ب?? ڪري ڏيکاريو آهي،