راولپنڊي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشي جي ڪينسر خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ??يندي ۽ نئين نسل کي بچائڻ جي ل??ءِ معاشري کي گڏجي منشيات جي ڏوهن ۽ ڪرپشن سان ??ڙهڻو آهي، ملڪ ۾ 70 لک نوجوان ??نشيات جي لعنت جو شڪار آهن، اسڪولن جا ٻار به ان جا عادي بڻجي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ٽي نارڪوٽڪس (منشيات جي خاتمي) بابت فورس جي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.