اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي ويزن موجب معاشري جي ڪمزور طبقن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ حڪومت کي اهم ڪاميابي ملي آهي. حڪومت پا??ان ناليواري تنظيم اخوت کي فراهم ڪيل 5 ارب رپين جي رقم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس پا??ان جاري بيان موجب هيستائين ساڍا 7 هزار (7572) گهرن جي تعمير جي لاءِ 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن ۽ هيستائين فراهم ڪيل رقم جي ريڪوري جو تناسب سئو سيڪڙو رهيو آهي. واپس ملندڙ رقم کي وڌيڪ خاندانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏه?? ته 2416 وڌيڪ درخواستن ??ي ڪم جاري آهي، فائدو کڻندڙ خاندانن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جن جا م??لي وسيلا انتهائي محدود هئا. پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن وزيراعظم عم??ان خان جا ٿورا مڃيا.