اسل??م آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسل??م آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سيلاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان ??اح??، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ وزيراعظم جي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آ??يا?? ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.