اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي جي فروغ لا??ِ جامع ڪوششن تي زور ڏيندي سمورين ڌرين کي چيو آهي ته هو آبادي ب??بت ايڪشن پلان تحت مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ لا??ِ قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ملڪ ۾ آبادي ۾ خطرناڪ اضافي ب??بت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو، پنجاب جي آبادي واري وزير ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله ا??از، پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي صوبائي چيف سيڪريٽرين، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل اسلام آباد ڊاڪٽر سبينه دراني ۽ يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري ري پريزنٽو ڊاڪٽر زيبا ستار، ٽيڪنيڪل ماهرن، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي صحت واري وزارت آبادي ب??بت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي چوٿين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد ب??بت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو و??و ته صوبائي حڪومتون وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهيون آهن، ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪري رهيون آهن ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي لا??ِ انساني وسيلن کي تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ??و ته عالم سڳورن، خطيبن ۽ مذهبي اڳواڻن کي خاص طور تي پنجاب صوبي ۾ پنهنجي خطبن ۾ صحت مند خاندان جي فروغ لا??ِ حصيدار بڻايو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته عالم سڳورا پنهنجي جمعي جي خطبن ۽ ميڊيا پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ خانداني منصوبابندي ب??بت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن صوبائي حڪومتن کي جامع سوچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چ??و ته هو خانداني منصوبابندي جي باري ۾ پنهنجي حڪمت ب??بت پنهنجي مهارتن، تحقيق ۽ تجربن کان هڪ ٻي کي آگاهه ڪن، هن عالمي ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي قومي صحت واري وزارت ۽ يو اين ايف پي اي جي واکاڻ ڪئي.