اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ??هي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي ??پريشنز جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??مل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان هوابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران وزيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي ??عبي ۾ سڌارن جي ??والي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??مل تي اڳڀرائي ??ابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي ??پريشنز جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??مل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي ??ولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آهي.