اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراع??م يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ ??و ايوارڊ ڏنو. وزيراع??م يوٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ مختلف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن ??و اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشتر??ه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراع??م يوٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم ??و اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراع??م يوٿ پروگرام جي 6 قدمن ??و افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شام?? آهن.