اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وف??قي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي س??ارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي سگهجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ ٿيل وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي س??ارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ??اچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي س??ارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وزيراعظم عمران ??ان ??ي هدايت موجب خاص معاونين پاران ??ثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي هدايت جي روشني ۾ سمورن خاص معاونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ??رايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص معاونين کي اڃا اثاثا جمع ??رائڻا آهن جيڪي جمع ??رايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي حڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي آڻڻ جي حوالي سان ??وبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان ??گاهه ڪيو.