مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محم??د قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پر??يهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پر??يهي وزير شاهه محم??د قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پر??يهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پر??يهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چو??ين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.