اسلام آباد – 08 – جنوري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته علاج جون معي??ري سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آ??ي، حڪومت صحت جي شعبي ۾ سڌارا شروع ڪيا آهن، نجي شعبي کي ڏورانهن علائقن ۾ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪو??ت پاران هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هو جڏهن ته پنجاب جي صحت و??ري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب جي سمورن مستقل رهواسين کي ڊسمبر 2021ع تائين صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر ٿي ويندي جنهن جي ڪري سرڪ??ري ۽ پرائيويٽ اسپتالن م علاج ممڪن ٿي سگهندو.