اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيس??ز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙ?? مقدس مهيني ۾ تازي اسرائيلي جارحيت طرف ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪر??ٽر??ٽ موجب خطن ۾ انهن جو ڌيان اسرائيلي ظلمن طرف ڇڪرائيندي چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ٿو ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.