اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ملندو، دنيا ??ا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي م??هن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ان جي بنيادي ڌر بڻجي ان جو تحفظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزي??اع??م عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پاڪستان ا??هن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي ج??هن ۾ هن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ان ??ا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزي??اع??م چيو ته بدقسمتي سان دنيا جي اڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به ا??هن ملڪن ۾ شامل هو، ت??هن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزي??اع??م چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ته اسان جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪ??هن کي اسان جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي دريائن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه ما?? ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغن جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي بهتري لاءِ قدم کڻي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال اسان جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزي??اع??م چيوته ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان جي باوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي م??هن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزي??اع??م چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي دريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر ما?? ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي ا??هن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پاڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڻي به گليشيئر ما?? ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو